سنڌ

حيدرآباد ۾ پاڻي جي موٽر هلائڻ تان مسواڙين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

حيدرآباد ۾ پاڻي جي موٽر هلائڻ تان گهر جي ٻِن حصن ۾ مسواڙين ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪ ڄڻي کي ڇريون هڻي قتل ڪيو ويو. خبر موجب پڃاري ٿاڻي جي حد حيدر شاهه ڪالوني ۾ مسواڙ جي گهر ۾ رهندڙ 2 ڄڻا وڙهي پيا، جنهن دوران جوابدار رضوان 25 ورهين جي نعمان عرف نومي کي سيني ۾ چاقو جا وار ڪري سخت زخمي ڪري وڌو، جنهن کي فوري طور حيدرآباد سول اسپتال پهچايو ويو، جتي نعمان عرف نومي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. مقتول جو لاش قانوني ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب جوابدار رضوان ۽ مقتول نعمان ساڳئي مالڪ جي گهر اندر ٻن حصن ۾ مسواڙ تي رهندا هئا، ٻنهي ۾ پاڻي جي موٽر هلائڻ تان جهيڙو ٿيو ۽ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو. جڏهن ته رات دير تائين قتل جو ڪيس داخل نه ٿيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button