سجاول ۾ ھڪ ڪلاڪ جي برسات ٽائون انتظاميا جي دعوائن جا پول کولي ڇڏيا، مامون لاڏو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين مين روڊ ۽ ڪيترائي علائقا برسات جي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. سجاول ۾ گذريل 10 ڏينهن کان ٽائون انتظاميه پاران گٽرن جي صفائي ڪرائڻ وارن دعوائن جي صرف ھڪ ڪلاڪ پيل برسات حقيقت ظاهر ڪري ڇڏي آھي. برسات کان پوءِ ڊرينيج جي ناڪارا نظام سبب مامو لاڏو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين مين روڊ گوڏي جيڏي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، جڏهن ته ميمڻ پاڙو، برف ڪارخانا روڊ، شيخ مسجد پاڙو، علي ٽائون، حق آباد ڪالوني، غوثيا مسجد پاڙو، وارڊ نمبر 2، شيخ پاڙو ۽ لوهار پاڙي سميت ڪيترن ئي علائقن جون گهٽيون پاڻي ۾ ٻڏي ويون آھن. ٽائون انتظاميه پاران برساتي پاڻي جي نيڪال جو عمل شروع نه ٿيڻ سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن. شهرين انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته ڊرينيج سسٽم کي ٺيڪ ڪيو وڃي ۽ گندن نالن کي مشينن ذريعي تر کان صاف ڪرايو وڃي ته جيئن برسات جو پاڻي آساني سان نڪري سگهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close