سنڌ

راڄوخاناڻي ۾ 8 ورهين جي ٻارڙي جنسي ڏاڍائي بعد بيدردي سان قتل

راڄوخاناڻي ڀرسان 8 ورهين جي ٻارڙي کي ڏاڍائي بعد بيدردي سان قتل ڪيو ويو، جنهن جو قبرستان مان لاش مليو آهي. خبر موجب راڄوخاناڻي ۾ وارڊ نمبر ٻه جي ڳوٺ رائچند ڪولهي ۾ 8 سالن جي ٻارڙي لڇمي ڌي ويرجي ڪولهي کي اڻڄاتل جوابدار ڏاڍائي بعد بيدردي سان قتل ڪري لاش ڳوٺ ڀرسان قبرستان ۾ اڇلائي ڇڏيو، جتان ٻارڙي جو لاش سلوار کان آجي حالت ۾ ھٿ آيو. ٻارڙي هڪ ڏينهن اڳ گم ٿي وئي، جنهن جي ڳولا بعد مائٽن لاش قبرستان ۾ ڏسي راڄوخاناڻي پوليس کي اطلاع ڪيو جتان لاش کي رورل ھيلٿ سينٽر آندو ويو جتان پوسٽ مارٽم لا تعلقي اسپتال ماتلي نيو ويو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر شھزادي نظاماڻي ٻڌايو ته ابتدائي رپورٽ موجب نينگري سان ڏاڍائي ٿي آھي ۽ ڏاڍائي بعد کيس ڇري سان قتل ڪيو ويو آھي، لاش سلوار کان آجي حالت ۾ مليو ۽ آنڊا به ٻاھر نڪتل ھئا. مقتول ٻارڙي جي والد ويرجي صحافين کي ٻڌايو ته سندس ڌي گذريل ڏينھن ٻارن سان گڏ راند لا نڪتي هئي، جتان ٻارن موجب ڪو نامعلوم شخص شئي وٺي ڏيڻ بهاني لڇمي کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو، جنھن بعد هو مسلسل گم ھئي، اسان سڄو ڏينھن ۽ رات ڳولا ڪئي پر ٻئي ڏينھن تي صبح جو لاش قبرستان مان مليو آھي. ھن چيو ته اسان جي ڪنھن سان دشمني ڪانھي، اسان سان وڏو قھر ڪيو ويو آھي، واقعي جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي بدين شاھنواز چاچڙ، اي ايس پي ماجده ھاليپوٽو، ڊي ايس پي ذوالفقار قائمخاني سميت پوليس جي وڏي نفري واقعي واري ھنڌ پھتي ۽ انڪوائري بعد ڪجھه ماڻھن کي شڪ جي بنياد تي حراست ۾ ورتو آهي. مقتول ٻارڙي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو. ٻئي طرف ٻارڙي کي جنسي ڏاڍائي بعد بيدردي سان قتل ڪرڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي، سياسي سماجي اتحاد ۽ ھندو پئنچائت طرفان راڄي خاناڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جنهن بعد ايس ايس پي بدين شاھنواز چاچڙ راڄو خاناڻي ٿاڻي جي ايس ايڇ او غلام سرور کوسو کي معطل ڪري قربان ملاح کي ايس ايڇ او مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻارڙي سان ڏاڍائي ۽ قتل جي ايف آئي آر آخري اطلاعن تائين داخل ٿي نه سگهي هئي. پوليس ذريعن جي دعويٰ موجب شڪ ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن منجهان هڪ ڄڻي ٻارڙي سان زيادتي ۽ کيس قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي پر ان بابت راڄوخاناڻي يا بدين پوليس آفيشلي طور تصديق نه ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button