سنڌ

ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ نوڪرين جا جعلي آرڊر جاري ڪرڻ جو الزام

ورڪس اينڊ سروسز کاتي سنڌ جي ليبر ايمپلائيز الائنس جي اڳواڻن عبدالرزاق، علي محمد لغاري، شبير مغل، ساجن خاصخيلي ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته اڳوڻي چيف انجنيئر شفيق ميمڻ ۽ اي او ادريس ڪروڙين رپيا وٺي نوڪرين جا جعلي آرڊر جاري ڪيا، جن کي سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز ڪينسل ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سبب ملازمن ۾ سخت بيچيني ڇانيل آهي. هنن چيو ته نوڪرين جا آڊر ڪينسل ٿيڻ خلاف 3 اگسٽ تي شهباز بلڊنگ حيدرآباد، 7 اگسٽ تي لاڙڪاڻو، 8 اگسٽ تي چيف انجنيئر ها ويز اينڊ بلڊنگ سکر سامهون احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. هن چيو ته يونين جا سڀ عهديدار پ پ جا جيالا رهيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير کان اپيل آهي ته پئسن عيوض نوڪرين جا آرڊر جاري ڪرڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائي ملوث عملدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button