سنڌ

سانگهڙ جي ٽن اڳوڻن ايس ايڇ اوز سميت چئن اهلڪارن کي ڪرپشن تي 13 سال قيد جي سزا

حيدرآباد ۾ اينٽي ڪرپشن اسپيشل ڪورٽ 20 سال پراڻي ڪرپشن ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن ٿاڻن جي ٽن اڳوڻن ايس ايڇ اوز ۽ هڪ ڪانسٽيبل کي 13- 13 سال قيد جي سزا ۽ ڏيڍ ڏيڍ لک رپيا ڏنڊ هڻي ڇڏيو آهي. اينٽي ڪرپشن اسپيشل ڪورٽ حيدرآباد ۾ 20 سال اڳ سانگهڙ واسي ٻن ڄڻن کي ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري اڍائي لک رپيا رشوت طلب ڪرڻ جي ڪيس جي شنوائي ڪئي، جنهن ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اڳوڻي ايس ايڇ او سنجهورو الطاف حسين شاهه ۽ محبوب حسين کي 7- 7 سال قيد ۽ ڏيڍ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته پيرونمل ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او شير خان رند ۽ چوٽياريون ٿاڻي جي ايس ايڇ او هيڊ ڪانسٽيبل عبدالغفور ڪيريو کي عدالت 6- 6 سال قيد ۽ ڏيڍ ڏيڍ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته جوابدار حمزو خان درس کي شڪ جو فائدو ڏئي باعزت بري ڪيو ويو. واضح رهي ته اپريل 2001 ۾ پوليس عملدارن سانگهڙ جي شهرين غلام رسول ۽ رسول بخش ڪوري کي حراست ۾ رکي سندن مائٽن کان آزادي لا مبينا طور اڍائي لک رپيا رشوت گهري هئي. ها ڪورٽ حيدرآباد جي حڪم تي اينٽي ڪرپشن پولس ٿاڻي تي ڇاپو هڻي حراست ۾ ورتل شهرين کي بازياب ڪرايو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button