زراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

حيدرآباد ۾ ڊيري مالڪن کير 20 رپيا في ڪلو مهانگو ڪري ڇڏيو

حيدرآباد ۾ ڊيري مالڪن کير جي قيمتن ۾ 20 رپيا هٿرادو واڌ ڪري ڇڏي آهي. شهر ۾ کير 220 رپيا ڪلو ۽ ڌونئرو 320 رپيا ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي. ضلعي انتظاميا في ڪلو 190 رپيا واري اگهه تي عمل نه ڪرائي سگهي آهي. حيدرآباد شهر، قاسم آباد ۽ لطيف آباد ۾ ڊيري مالڪن کير جي قيمتن ۾ هٿرادو واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. في ڪلو تي 20 رپيا واڌ ڪرڻ سان کير ڪلو 220 رپيا وڪرو ٿيڻ لڳو، جڏهن ته ڏهي 320 رپيا ڪلو وڪرو ڪئي پئي وڃي. شهرين موجب ڊيري ملڪ هٿرادو کير جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ظلم ڪيو آهي، جڏهن ته کير جو سرڪاري اگهه 190 رپيا في ڪلو آهي. هنن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته کير جو اگهه 190 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو وڃي. ٻئي طرف لطيف آباد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڊيرين تي ڇاپو هڻي شهرين کي سرڪاري اگهه تي کير ڏياريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button