سنڌ

”وي سي، پرنسپل ۽ پرووسٽ کي هٽايو“نوشين واقعي خلاف احتجاجي مظاهرا

لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا ڪاليج جي گرلس هاسٽل شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جو لاش ملڻ واري واقعي خلاف اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي چانڊڪا جي شاگردن سميت مختلف سياسي، سماجي ڌرين احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. اڳواڻن واقعي کي قتل قرار ڏيندي مطالبو ڪيو ته شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سي ۽ چانڊڪا ڪاليج جي پرنسپال سميت گرلس هاسٽل جي پرووسٽ کي عهدن تان هٽائي کين جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪاميٽي سي ايم سي لاڙڪاڻو پاران چانڊڪا ڪاليج جي مک گيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن عمران علي مري، عمران ٻرڙو، اويس ڏاهاڻي، سراج جوڻيجو سميت آفتاب چانڊيو، خان غفار خان، غلام شبير جتوئي، وڪيل سلميٰ ڀٽو، مرڪ منان چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر انيلا عطاءِ الرحمنٰ جي مقرر ٿيڻ بعد چانڊڪا جي شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جو هاسٽل مان لاش ملڻ وارو هي ٽيون واقعو آهي، ان کان اڳ شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جو پڻ اهڙي ئي طريقي سان هاسٽل مان لاش هٿ آيو هو، جنهن واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏئي سنڌ جي نياڻي جو خون لوڙهيو ويو، عجيب ڳالھه آهي ته هميشا چانڊڪا جي گرلس هاسٽل ۾ شاگردياڻين جي خودڪشي جا واقعا ساڳئي طريقي سان پيش اچي رهيا آهن، رسو ساڳيو، پکو ساڳيو ۽ ساڳئي ٽيبل واقعن ۾ استعمال ٿئي ٿي، جيڪڏهن هي خودڪشي جا واقعا آهن ته پوءِ انهن جا سبب ڪهڙا آهن، اڄ تائين يونيورسٽي ۽ چانڊڪا انتظاميا پڌرا ڇو نه ڪيا آهن. هنن چيو ته يونيورسٽي ۽ چانڊڪا انتظاميا نوشين ڪاظمي جي لاش ملڻ واري واقعي کانپوءِ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي. جنهن گذريل رات 4 وڳي هاسٽلون ۽ چانڊڪا ڪاليج کي بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري شاگردن کي گهر وڃڻ جو چيو آهي، سمورن هاسٽلن جي بجلي ۽ پاڻي بند ڪيو ويو آهي، پر اسان هاڻي خاموش نه ويهنداسين ۽ پنهنجي گهرن ڏانهن نه وينداسين، اسان جي اداري ۾ ان قسم جو هي ٽيو واقعو آهي پر هميشا وارثن کي حراسان ڪري خاموش ڪرائڻ سان گڏ چانڊڪا جي شاگردن کي مختلف قسم جون ڌمڪيون ڏئي احتجاج ڪرڻ کان روڪيو وڃي ٿو. هنن چيو ته شاگردياڻي نوشين جي ڪمري مان ڦاهو کاڌل لاش جنهن صورت ۾ هٿ آيو آهي، ان مان ثابت ٿي رهيو آهي ته هي قتل آهي، ڇاڪاڻ ته شاگردياڻي جا ٻئي پير ٽيبل تي رکيل آهن، سندس وات ۽ نڪ مان رت به نه آيو آهي ۽ سندس سڄو جسم نارمل حالت ۾ آهي، ان ڪري يونيورسٽي جي وي سي، سي ايم سي جي پرنسپال، هاسٽل پرووسٽ سميت ٻين لاڳاپيلن کي فوري طور عهدن تان هٽائي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. اسان چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ٿا ڪريون ته نياڻي نوشين ڪاظمي جي پرسرار موت جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جو هي احتجاج جاري رهندو جيسيتائين نياڻي نوشين جي خون سان انصاف نٿو ڪيو وڃي. ٻِئي طرف سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي پاران الھورايو عمراڻي، احمد نواز بروهي، شاهد ڪلهوڙو، صادق لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. هوڏانهن جسقم ۽ جساف لاڙڪاڻي پاران طارق ڪورائي، نويد سانگي، راحب سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ ڳاڙهو جهنڊو کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. هوڏانهن پيغام قرآن تنظيم جي ڪارڪن واقعي خلاف محمد سليمان کوکر، غلام عباس ڏاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن اندر انسان جي روپ ۾ وحشي درندا اچي ويا آهن، جنهن ڪري تعليم حاصل ڪندڙ سنڌ جي نياڻين جا اتان روز لاش ملي رهيا آهن. مطالبو ڪريو ٿا ته اسلامي قانون موجب نياڻين لاءِ الڳ تعليمي ادارا قائم ڪيا وڃن ته جيئن سندن روز روز لاش ملڻ وارو سلسلو بند ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button