سنڌ

”ڊاڪٽر نوشين جو انصاف ڪريو“ سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا

لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين واري واقعي خلاف چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن عمران مري، اويس ڏاهاڻي، سراج جوڻيجو، عمران ٻرڙو ۽ ٻين ٻئي ڏينهن به ڪاليج کان ايس ايس پي چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ٻئي طرف لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي، ايس يو پي ۽ سوسائٽي اڳواڻن سرفراز ڀٽو، احمد نواز بروهي، طارق جتوئي، شاهد ڪلهوڙو، نصير ڪلهوڙو، ڊاڪٽر طارق سومرو، وڪيل سلميٰ ڀٽو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هوڏانهن لاڙڪاڻي ۾ پراڻو پاڪستان پارٽي پاران غلام رضا ميراڻي، بلاول مگسي، لطف مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ٻئي طرف حيدرآباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ فيڊريشن جي اڳواڻ جان محمد لعاري، عطا سنڌيار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميرپورخاص ۾ پيپلزپارٽي سپاف جي اڳواڻ دريا خان مري، مبارڪ علي، مرتضى مبيجو، ذوهيب مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. مورو ۾ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ اصحاب چانڊي، حُسنُ عباس، عمار لنڊ، ساجن شاهه، پرويز سنڌي، فقير پپن شيخ، شھزادو ابڙو، عبدلمالڪ ابڙو، اشرف لغاري ۽ ابرار ميمڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. گمبٽ ۾ پرڪاش، سيد حمير شاهه، سڪندر علي چانڊيو، محمد ادريس سومرو، اشوڪ ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. رتوديرو ۾ سماجي اڳواڻن ثنا الله ڪٽپر، نادر جوڻيجو، مولا بخش بروهي، اڪبر طاهري جلباڻي، حاجي معرفاڻي، بشارت ڪٽپر، اطهر علي، عبدالله ۽ منصور لاشاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. فريد آباد ۾ ايس يو پي جي اڳواڻ ظفر سولنگي، ساجد ڏيرو، اسامـ چانڊيو، پير محمد ڏيرو، شبير احمد ڪرٽيو، سڪندر علي بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دعا چوڪ کان مظاهرو ڪري سٽي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ميهڙ ۾ ابوذر ٻگهيو، رحمان پنهور، ڪاشف کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دعا چوڪ کان ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته چانڊڪا ڪاليج ۾ ڪجهه سالن اندر 3 شاگرد ۽ شاگردياڻيون قتل ٿيڻ جا واقعا پيش آيا آهن، تازو شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جو ڦاهو کاڌل لاش مليو آهي، خدشو آهي ته کيس قتل ڪري واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن عمل کي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. واقعي جي شفاف جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن ٺاهي جاچ ڪرائي وڃي.ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي موت جي اڻڌري جاچ ڪرڻ سان گڏ هاسٽل انچارج لبنى عدنان ۽ عدنان قريشي کي گرفتار ڪري انهن کان جاچ ڪئي وڃي ته ان موت جو ذميوار ڪير آهي. هنن جو چوڻ هو ته جيستائين ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جي خون سان انصاف نه ٿيندو تيستائين سراپا احتجاج رهنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button