پاڪستانسنڌ

سنڌ هائي ڪورٽ جو نارٿ ناظم آباد ۾ پورشن جي اڏاوت روڪڻ جو حڪم، اختيارين کي نوٽيس

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ نارٿ ناظم آباد ۾ پورشن ٺاهڻ خلاف درخواست تي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي بلڊر کي بنادير اڏاوت روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ ۾ نارٿ ناظم آباد ۾ پورشن ٺاهڻ جي خلاف درخواست جي شنوائي ٿي.

درخواست گذار جي وڪيل وحيد حسين ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته پلاٽ نمبر 66 بلاڪ سي ۾ رهائشي پلاٽ تي پورشن ٺاهيو پيو وڃي، پورشن سان علائقي واسين جا حق متاٿر ٿيندا، علائقي واسين کي سيوريج، پارڪنگ سميت ٻيا مسئلا ٿيندا. بلڊرز کي اڏاوت روڪڻ ۽ ايس بي سي اي کي ڪارروائي جي هدايت ڏني وڃي. عدالت ڊي جي ايس بي سي اي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي بلڊر عباس باغيچا کي اڏاوت بنادير روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button