پاڪستانسنڌ

ٿرڪول معمولي ڳالهه ناهي، وفاقي ۽ صوبائي سمورا سرڪاري ادارا مخالف هئا: وڏو وزير مراد شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت جي ڪجهه وڏين ۽ بي مثال ڪاميابين ۾ ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ، 2008ع ۾ امن امان جي بحالي، پاور پلانٽ جو قيام، روڊن جي تعمير، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت سنڌو درياءَ تي پلن جي تعمير شامل آهن. هن اها ڳالهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ نيشنل پوليس اڪيڊمي جي اسپيشلائزڊ ٽريننگ پروگرام جي اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ آف پوليس انسپيڪٽرز (اي ايس پيز) سان اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، آءِ جي پوليس مشتاق مهر، اي سي ايس گهرو کاتو قاضي شاهد پرويز، پوليس اڪيڊمي جي فيڪلٽي ميمبرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٿر ۾ ڪول مائننگ ۽ ڪوئلي تي هلندڙ پاور پلانٽس لڳائڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي. وفاق کان وٺي صوبائي سيٽ اپ تائين سمورا سرڪاري ادارا اوپن پٽ مائننگ جي خلاف هئا. انهن جو خيال هو ته ڪوئلي جو معيار سٺو ناهي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ مناسب ناهي. هن چيو ته اصل ۾ اهو شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو ۽ پارٽي قيادت ۽ حڪومت سندس خواب کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ آخرڪار اسان ديسي ڪوئلو تيار ڪري مقصد کي حاصل ڪيو ۽ کاڻ ويجهو لڳل پاور پلانٽ کي فراهمي ڪرڻ شروع ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته اڄ پاور پلانٽ نيشنل گرڊ ۾ ڪوئلي مان ٺهندڙ 660 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪري رهيو آهي ۽ اهڙا اربين رپين جا ٻيا منصوبا پڻ جاري آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت جو اهو ڪارنامو تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکيو ويندو.

امن امان بابت ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 2008ع ۾ جڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي ته ان وقت نه هاءِ ويز محفوظ هئا ۽ نه ئي ڪراچي شهر پرامن هو. هن چيو ته هاءِ ويز تي ماڻهو قافلن ۾ گهمندا هئا، ڪراچي ۾ نو گو ايريا هئا جتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به داخل ٿيڻ کان انڪار ڪندا هئا. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت نه رڳو هاءِ ويز کي محفوظ بڻايو پر شهر ۾ نو گو ايرياز به ختم ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پي پي پي موڊ تحت حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ ۽ ان کانپوءِ سنڌو درياهه تي پل ٺاهي ٺٽي کي جهرڪ کان ملان ڪاتيار واري جاءِ تي ٽنڊو محمد خان سان ڳنڍي سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ سياسي مخالفن پيپلزپارٽي جي حڪومت تي ڪراچي شهر تي ڌيان نه ڏيڻ جو الزام لڳائي رهيا آهي پر اها اسان جي حڪومت آهي جنهن شهر جي انفراسٽرڪچر کي ترقي ڏني آهي.

هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪراچي جي ناليوارن دعويدارن هن شهر جي عوام کي لاش، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتا خوري ۽ نو گو ايريا ڏنا آهن. مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت اڄ به شهر جي ترقي تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ سندس حڪومت صحت جون سهولتون قائم ڪرڻ ۾ سٺو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته اڄ اسان جون ڪجهه اسپتالون پنهنجي صحت بابت سڄي ملڪ ۾ مشهور آهن. هن وڌيڪ چيو ته تعليم جي بهتري لاءِ به ساڳي ريت ڪم ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button