پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ ڏيڍ ارب جا ٽينڊر جاري ڪري جلد ڪم ڪرايو ويندو:ضيا عباس

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاهھ ھڙي ويجهو صوبائي وزير ورڪس اينڊ سروسز ضيا عباس شاهھ رضوي جي مان ۾ عاقلاڻي برادري جي معزز ذوالفقار عاقلاڻي پاران ڳوٺ ابراهيم عاقلاڻي ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ضيا عباس شاهھ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي سڄي سنڌ ۾ روڊن جو ڄار وڇايو پيو وڃي، ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ ڏيڍ ارب جا ٽينڊر جاري ڪري جلد ئي ڪم مڪمل ڪيو ويندو، نياڻين جي تعليم لا عثمان شاهھ ھڙي ڊگري ڪاليج جو ڪم ٻن مهينن اندر شروع ڪيو ويندو ته جيئن هن علائقي جون نياڻيون پڻ سٺي تعليم حاصل ڪري پنهنجي علائقي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن، لوڪل گورمينٽ سنڌ جي نئين نظام تحت ضلعي ٽنڊوالهيار ۾ نيون يوسيز ۽ ٽائون ڪميٽون قائم ڪيون وينديون، عاقلاڻي برادري لا ايندڙ لوڪل باڊي جي اليڪشن ۾ نمائندگي جو پڻ اعلان ڪيو ويندو. پ پ هميشه عوام جي بهتر صحت، تعليم ۽ غربت جي خاتمي لا ڪردار ادا ڪيو آھي. ان موقعي تي غلام نبي عاقلاڻي، مولابخش ٿيٻو، حاجي خالد حسين ٿيٻو، آفتاب جوڻيجو، مير خان عاقلاڻي ماستر، لال محمد عاقلاڻي، علي نواز عاقلاڻي، حاجي شير محمد عاقلاڻي، رياض خان لغاري، حاجي موسى عاقلاڻي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button