پاڪستانسنڌ

چيلهار لڳ پي ۽ سندس 5 پٽن جي گهرن کي باهه، سامان رک

مٺي/ چيلهار: چيلهار ويجهو 6 پورهيتن جي گهرن کي باهه لڳي وئي. ڳوٺ هريار ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهھ لڳڻ سبب پورهيت جيوڻ ميگهواڙ ۽ سندس 5 پٽن سريش ڪمار، انوپو، آنند، ڏيسر ۽ جڳتو ميگهواڙ جي گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب گهرن اندر ٺهيل 10 ڪکاوان چونئرا رک ٿي ويا، گهرن ۾ پيل اناج، سونا زيور، ڪپڙا ۽ هنڌ بسترا سڙي ويا، بجلي جي تارن مان لڳل باهھ تي ضابطو آڻڻ ڏکيو بڻجي ويو ۽ ڳوٺاڻا سڄو ڳوٺ باھه جي لپيٽ ۾ اچڻ جي خدشي سبب خوف ۾ وٺجي ويا. اطلاع بعد چيلهار ۽ مٺي کان پهتل فائربرگيڊ عملي باهه تي ضابطو آندو. گهر سڙڻ بعد متاثر 6 خاندان کليل آسمان هيٺ سخت ٿڌ ۾ ويٺل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button