پاڪستانسنڌ

پ پ اڳواڻ جي پٽ جي ڄڃ ۾ پوليس موبائيل اسڪواڊ طور شامل

ڪلوئي: ڪلوئي ۾ پ پ جي مقامي اڳواڻ ٽيڪم داس ميگھواڙ جي پٽ روال ميگھواڙ جي ڄڃ ڏيپلو وڃڻي هئي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڪلوئي پوليس موبائيل روال ميگھواڙ جي ڄڃ ۾ اسڪواڊ طور ڏني، موبائيیل ۽ اهلڪارن هيراڻي هائوس کان ڄڃ جي اڳواڻي ڪئي، ڄڃ با پاس کان ٿيندي شهر ۾ داخل ٿي ته پولیيس موبائيل ۾ سائرن وڃائيندي ماڻهن کي پاسي تي ڪيو ويو، پوليس موبائيل پويان ڄاڃي شادي جي خوشي ۾ ناچ ڪندا رهيا. روال ميگھواڙ جي ڄڃ ڏيپلو پهتي، جتي سڄو ڏينهن پوليیس اهلڪار ۽ پوليس موبائيل بيٺل رهي. اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان ٿرپارڪر پوليس تي ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪلوئي سميت وڏي منشي جا موبائل نمبر بند مليا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button