پاڪستانسنڌ

سنڌڙي ۾ گهرن تي قبضي ۽ حملي خلاف رهواسين جو مظاهرو

سنڌڙي: سنڌڙي ويجھو ھنڱورنو ڀرسان ڳوٺ غلام محمد نظاماڻي جي رھواسي ٽن ڀائرن غلام النبي شيخ، عبدالنبي شيخ ۽ عبدالرسول شيخ معصوم ٻارڙن توڙي برادري جي ماڻھن سان گڏ پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو. هنن چيو ته بااثر غلام حسين شيخ، اياز علي، اعجاز، شھباز علي ۽ پرويز علي اسان جي ڀا محمد ابراھيم کي ڪھاڙين جا وار ڪري مرڻينگ ڪيو، جنھن جو ڪيس سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي، جوابدارن مان ھڪ جوابدار شھباز شيخ جي ضمانت رد ٿيل آھي، پر پوليس کيس گرفتار نه ٿي ڪري، ھو اسان کي ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ته ڪيس تان ھٿ کڻو، نه ته اوھان کي ماري ڇڏينداسين، جوابدارن گھرن تي قبضو ڪري دربدر ڪري ڇڏيو آھي. ھنن اعلى اختيارين کي اپيل ڪئي ته اسان سان انصاف ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري گھرن تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button