پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ 6 ڦورو گرفتار، موٽرسائيڪل ۽ ڪارون هٿ

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ پوليس پاران 6 ڦورن کي گرفتار ڪري موٽرسائيڪل ۽ ڪارون هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ميرپورخاص ڪئپٽن رٽارئرڊ اسد علي چوڌري پنھنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڏوھن ۾ اضافي بعد سي آ انچارج عنايت علي زرداري جي سربراھي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس ڏوھارين جو گھيرو تنگ ڪري بين الصوبائي گروهه جي سربراهه علي خان عرف خانو سميت سندس 5 ساٿين محمد حسن عرف فوجي، حاجي شاهنواز، امجد ساهيوال، محمد شفيع دل ۽ رزاق عرف فوجي کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل موٽرسائيڪل، ڪارون ۽ ھٿيار ھٿ ڪيا ويا آهن. ھن وڌيڪ چيو ته ڄاڻايل جوابدارن خلاف ميرپورخاص ٿاڻن تي 24 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن. جوابدارن جو تعلق سنڌ جي بدنام ڏوھاري ساجد عرف ساجو جي ٽولي سان آھي ۽ جوابدارن جو تعلق سنڌ جي مختلف ضلعن سان آھي. جوابدارن جاچ دوران اعتراف ڪيو آهي ته تازو حالي روڊ حيدرآباد، مسڻ، ٽنڊو آدم ۽ سلطان آباد وارن علائقن مان ڪارون ڦر ڪيون آهن، جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button