پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو، آبادگارن جو احتجاج

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ۾ به ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳو، سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل جي اڳواڻن احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي سارڪ اڳواڻ شڪيل پلهه، فدا چوهاڻ، مير مرتضى اوٺو، غلام رسول لنڊ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٽنڊوالهيار ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي، دڪاندار مختلف قسمن جون نقلي زرعي دوائون سرعام وڪرو ڪري رهيا آهن، پر ضلعي انتظاميا بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري. هنن چيو ته 1800 سئو واري ڀاڻ جي ٻوري 2400 سئو کان 2600 سئو تائين بليڪ ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي. هنن گهر ڪئي ته بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button