پاڪستانسنڌ

“پٽ جا قاتل پڪڙيو” ڪڍڻ ۾ عورت جي بک هڙتال

ڪڍڻ: ڪڍڻ ڀرسان ڳوٺ مير الله بچايو ٽالپر ۾ قتل ٿيل نوجوان غلام محمد عرف پوڙھو ٽالپر جا 10 مھينا گذرڻ باوجود قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سندس ما گلزار ٽالپر عوامي پريس ڪلب اڳيان بک ھڙتال جاري رکي. هن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پٽ کي قتل ڪيو ويو آھي، پر پوليس رڳو دلاسا ڏيڻ ۾ پوري آھي، ايس ايس پي بدين مون کي گھرائي چيو ھو ته جلد قاتل گرفتار ڪيا ويندا، پر مون سان انصاف ناھي ٿيو، پوليس پنھنجي پٽي ڀائي اي ايس آ سرفراز ٽالپر ۽ ان جي ماڻھن مير محمد ٽالپر، عنايت ٽالپر کي گرفتار نٿي ڪري، پٽ جا قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button