پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ لڳ معصوم ٻارڙي سان مبينا زيادتي، زخمي حالت ۾ ملي

عمرڪوٽ/ صوفي فقير/ حيدرآباد: عمرڪوٽ ويجھو معصوم ٻارڙي سان مبينا جنسي زيادتي ڪئي وئي، نينگري واٽر مان زخمي حالت ۾ وارثن کي هٿ آئي، کيس نازڪ حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. رپورٽ موجب عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ آڏتيو فارم ۾ شئي وٺڻ لاءِ پاڙي جي دڪان تي ويل 8 سالن جي معصوم ٻارڙي سان نامعلوم جوابدارن مبينا زيادتي ڪئي ۽ کيس بيھوشي واري حالت ۾ واٽر ڪورس ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا. ٻارڙي ڪافي دير تائين واپس گھر نه پھچڻ تي والدين پاران ڳولا ڪئي وئي، ڳولا ڪندي وارثن کي نياڻي واٽر ڪورس مان شديد زخمي ۽ بيھوش حالت ۾ ملي، جنهن کي وارثن کڻائي ڊسٽرڪٽ اسپتال پھچايو، جتان ڊاڪٽرن نياڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن متاثر ٻارڙي جي ڏاڏي ٻڌايو ته ٻارڙي گھران شئي وٺڻ لاءِ پاڙي جي دڪان تي وئي هئي، جتان ڪافي دير تائين واپس نه اچڻ تي اسان ڳولا ڪئي ته کيس شديد زخمي حالت ۾ واٽر ڪورس ۾ ڏٺو، اسان سمجهيو ته کيس ڪتن کاڌو آهي، پر اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ٻارڙي سان نامعلوم ماڻهن زيادتي ڪئي آهي. ھن چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آھي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ٻڌايو ته ٻارڙي سان زيادتي ٿيل آهي، وحشي جوابدار کيس جنسي زيادتي بعد شديد زخمي ڪري شايد مارڻ جي ڪوشش به ڪئي، وڌيڪ رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي خبر پوندي. ھوڏانھن عمرڪوٽ پوليس به اطلاع ملڻ بعد سول اسپتال عمرڪوٽ پھچي تفصيل وٺي اين سي داخل ڪري ڇڏي ۽ واقعي واري ھنڌ آڏتيو فارم پھچي شڪ جي بنياد تي ٻن ماڻھن کي گرفتار ڪري ورتو. هوڏانهن ايس ايس پي عمرڪوٽ مختيار خاصخيلي متاثر ٻارڙي جي ڳوٺ پهچي واقعي بابت معلومات ورتي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ايس ايس پي عمرڪوٽ چيو ته واقعو افسوسناڪ آهي، ٻن شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيا آهن وڌيڪ جاچ ڪيون پيا جوابدارن کي قطعي بخش نه ڪبو. ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين ٻارڙي جا وارث ايڊووڪيٽ آئيڏان ڀيل ۽ ٻين وڪيلن سان گڏ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ عمرڪوٽ ٿاڻي تي پھتل آھن. سندن چوڻ آهي ته اسان ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ آيا آهيون، اسان جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي. ٻئي پاسي سول اسپتال حيدرآباد ۾ متاثر ٻارڙي جا 3 ميڊيڪل ڪيا ويا، ٻارڙي کي چائلڊ ايمرجنسي يونٽ ۾ داخل ڪري علاج شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي اي ايم ايس ڊاڪٽر شوڪت لاکو ٻڌايو ته ٻارڙي جا گائني، اي اين ٽي ۽ چهري جا 3 ميڊيڪل ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ سندس چهري تي تشدد جا نشان مليا آهن، رپورٽ بعد زيادتي جي خبر پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button