پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پيٽرول 11 رپيا ۽ ڊيزل 8 رپيا في لٽر تي سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان آهي. ذريعن موجب 16 ڊسمبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ في ليٽر پيٽرول 11 رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان آهي. انڊسٽري ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 9 رپيا گهٽتائي جو امڪان آهي. ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جا اگهه گهٽيا آهن ۽ حڪومت ٽيڪس سطح گهٽ يا وڌ ڪرڻ کانپوءِ حتمي طور قيمتون مقرر ڪندي. ذريعن مطابق اوگرا پيٽروليم اسمن جي اگهن ۾ 8 کان 10 رپيا في ليٽر لاٿ ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي پر ليوي ٽيڪس وڌائڻ جي صورت ۾ 4 رپين تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي جڏهن ته ٽيڪس کي ٻيڻو ڪرڻ سان ساڳيون قيمتون برقرار رهنديون. اوگرا ذريعن مطابق عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم اگهه 74 ڊالر في بيرل رهيا، گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ 10 سيڪڙو لاٿ آئي جڏهن ته حڪومت گذريل 13 ڏينهن ۾ 68 کان 74 ڊالر في بيرل تيل خريد ڪري ڪافي بچت ڪئي جنهن ڪري تيل جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button