
ماتلي: ماتلي لڳ ٽنڊو غلام علي روڊ تي ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ عورت سميت 3 ماڻهو زخمي ٿي پيا. شيش محل وٽ موٽرسائيڪل سوار 50 ورهين جو رٽائرڊ استاد پنهون خان جتوئي ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. ڳوٺ سونهارو خاصخيلي وٽ موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت راڄي خاصخيلي سميت ٽي ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي پوليس پهچي کڻائي تعلقي اسپتال آندو. هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد فوتي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.