مسڻ وڏي: ٽنڊوالهيار ضلعي جي پي ٽي آ اڳواڻن ۾ اختلاف ختم ٿي ويا. پي ٽي آ ٽنڊوالهيار ضلعي جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ علي پلهھ ۽ پي ٽي آ اڳواڻ ايڊووڪيٽ محمد اسلم لغاري ۾ 2018ع واري اليڪشن ۾ ڪجهھ ڳالهين تان اختلاف پيدا ٿي ويا هئا، جيڪي ها ڪورٽ حيدرآباد جي بار جي سينيئر وڪيلن ايڊووڪيٽ علي پلهھ ۽ ايڊووڪيٽ محمد اسلم لغاري ۾ ڳالهيون ڪرائي کين ڀاڪر پارائي ختم ڪري ڇڏيا. ٺاھه بعد ايڊووڪيٽ علي پلھه، محمد اسلم لغاري کي چانھه گڏجي پيئڻ جي دعوت ڏني. رابطو ڪرڻ تي سينيئر صحافي ۽ پي ٽي آ اڳواڻ ايڊووڪيٽ محمد اسلم لغاري ٻڌايو ته پي ٽي آ هڪ گهر جي مثال آهي، ننڍا وڏا اختلاف ٿيندا رهندا آهن، علي پلھه سان جيڪي ٿوريون گهڻيون رنجشون هيون، سي ختم ٿي چڪيون آهن، پارٽي لاءِ سمورا ننڍا وڏا اختلاف ختم ڪري گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ٽنڊوالهيار جا اپوزيشن گروپ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين، جلد چمبڙ ۾ مقامي اشوز تي هڪ ڪانفرنس گهرائي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close