پاڪستانسنڌ

17 ڊسمبر تي گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف ڌرڻا ھنيا ويندا:نثار کهڙو

نوابشاهه (ن، سنڌ ايڪسپريس)پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو نواب شاهه پريس ڪلب پھچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته 17 ڊسمبر تي ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ تي وفاقي حڪومت جي نااهلي خلاف عوام سان گڏ جي ڌرڻا ھنيا ويندا. ھن چيو ته پيپلزپارٽي عوامي مسئلن تي ھميشه جيان وفاقي حڪومت جي ناجائزين خلاف مظاھرا ڪندي ۽ 17 ڊسمبر تي ضلعي اندر نيازي سرڪار پاران وڌندڙ مهانگائي ۽ سوئي گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو. ان موقعي تي پي پي ڊويزنل صدر ضياءالحسن لنجار، ايم پي اي ممتاز چانديو، ناياب لغاري، ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، سٽي صدر عظيم مغل، توصيف ڌامراهھ سميت پيپلز پارٽي جي ذيلي تنظيمن يوٿ ونگ، سپاف، ڪلچرل، منارٽي ونگ جا اڳواڻ ساڻس گڏ ھئا. جڏهن ته آخر ۾ نثار کهڙو نواب شاهه پريس ڪلب جي نئين چونڊجي آيل باڊي کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ پارائي مبارڪون ڏنيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button