پاڪستانسنڌ

ريتي شهر ڀرسان پورهيت جي گهر کي باهه،الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو

ريتي (ن، سنڌ ايڪسپريس)ريتي شهر ٻاهران پورهيت گوبند ٿوري جي جي ڪکانوين گهر کي اوچتو باھه وڪوڙي وئي. ڀرپاسي وارن ماڻهن وقت سر پهچي چوپائي مال ۽ ٻارن کي باھه مان ڪڍي بچائي ورتو. جڏهن ته گهر اندر رکيل نياڻين جو ڏاج، بسترا، استعمال جا ڪپڙا ۽ ٿانون سميت سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي. پورهيت ٻڌايو ته خدشو آهي ته ٿي سگهي ٿو گهر پويان مال وند ماڻهو مال چاري رهيا هئا، باھه انهن کان لڳي وئي هجي. جڏهن ته پورهيت ڊي سي گهوٽڪي سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته گرم ڪپڙن ۽ راشن جي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button