اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ نجي يونيورسٽين جا غيرقانوني ڪئمپس بند ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ هائير ايجوڪشن ڪميشن (ايڇ اي سي) کي سڄي ملڪ جي نجي يونيورسٽين جا قائم ڪيل غير قانوني ڪئمپس بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ڪالهه نجي يونيورسٽين جي شاگردن کي ڪئمپسز مان ڊگريون جاري نه ٿيڻ بابت درخواست تي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ شنوائي ڪئي. پريسٽن ۽ الخير يونيورسٽي لاهور ۽ ڪراچي ۾ غير قانوني ڪئمپس قائم ڪيا هئا، جن جي شاگردن ايڇ اي سي پاران غير قانوني ڪئمپسز ذريعي ڊگريون جاري نه ڪرڻ تي عدالت سان رابطو ڪيو. ان دوران وڪيل علي ظفر ٻڌايو ته عدالت قومي احتساب بيورو (نيب) کي نجي يونيورسٽيز خلاف ڪارروائي جو حڪم جاري ڪيو هو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن وٽ اختيار آهن، نيب کي معاملي جي جاچ ڪرڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن ڪمزور آهي ته وفاق کي حڪم ڏينداسين ته قانون ۾ ترميم ڪئي وڃي. وڪيل علي ظفر عدالت کي آگاهه ڪيو ته شاگردن پنهنجي ڊگرين لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو، عدالت نجي يونيورسٽيز جي ڪئمپس کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست ۽ حقيقتن تي ٻڌل فيصلو ڏنو. سپريم ڪورٽ چيو ته عدالت جي سامهون سوال هو ته نجي يونيورسٽيز جي حدن کان ٻاهر ذيلي ڪئمپس قائم ڪري سگهجن ٿا يا نه؟ ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن واضح ڪيو ته يونيورسٽيز کي پنهنجي حدن کان ٻاهر ڪئمپس قائم ڪرڻ جي اجازت ناهي. سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ته ايڇ اي سي ڪيترائي ڀيرا نجي يونيورسٽيز کي غير قانوني ڪئمپس جي قيام تي الرٽ جاري ڪيا هئا. عدالت چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو موقف آهي ته غير قانوني سرگرمين کي ختم ڪرڻ ۾ وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جو سهڪار اڻٽر آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن هائير ايجوڪيشن سان ڪو به سهڪار نه ڪيو. عدالت هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي هدايت ڪئي ته غير قانوني ڪئمپسز مان پاس آئوٽ شاگردن کي مخصوص طريقي سان ڊگريون فراهم ڪيون وڃن. عدالت هدايت ڪئي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي معيار کي برقرار رکڻ جي لاءِ مڪمل سهڪار ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button