پاڪستانپنجاب

مني بجيٽ منظور ٿي ته پاڪستان جي معاشي خودمختياري هارائي ويندي

لاهور: ن ليگ جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف مني بجيٽ کي قومي سلامتي، خود مختياري ۽ جمهوريت لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو. ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته مني بجيٽ منظور ٿي ته پاڪستان جي معاشي خود مختياري هارائي ويندي. هن چيو ته سستي پاڪستان جي پروپئگنڊا ڪرڻ بدران مني بجيٽ واپس ورتي وڃي، اها بجيٽ حڪومت جي جيو اڪنامڪس جي تصور جي ابتڙ آهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته مني بجيٽ بلڊوز ڪري منظور ڪئي وئي ته پاڪستان جي نئين اسٽيبلشمنٽ جو نالو آءِ ايم ايف هوندو. مهانگائي جو علاج وڌيڪ مهانگائي جي ڪڙي گوري سان ڪرڻ بيوقوفي ۽ ظلم جي انتها هوندي. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت گهٽ ٿيڻ باوجود عوام کي رليف ناهي ڏنو ويو. سندس چوڻ هو ته مني بجيٽ پاڪستان جي مفاد ۾ ناهي، اپوزيشن ڀرپور طاقت سان ان کي روڪيندي، مني بجيٽ روڪڻ جي حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، انشاءَ الله ڪامياب ٿينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button