اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ ڪرونا وگهي 4 ڄڻا فوت، 370 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد :ملڪ ۾ ڪرونا جا وڌيڪ 4 ماڻهو فوت ۽ 370 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽرز جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 370 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڌيڪ 4 ماڻهو هن وبا وگهي فوت ٿي ويا ۽ 194 مريض صحيتاب ٿيا. هاڪاري ڪيسن جي شرح 0 ڏهائي 82 سيڪڙو ٿي وئي. پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جا هن وقت تائين 28 هزار 843 مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. هن مرض جي ڪل مريضن جو انگ 12 لک 89 هزار 913 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 9 هزار 292 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 706 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جڏهن ته 12 لک 51 هزار 778 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 44 هزار 609 ٽيسٽون ڪيون ويون. جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 26 لک 46 هزار 130 ڪرونا ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن. پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 9 لک 16 هزار 314 ماڻهن کي ويڪسين ڏني وئي. هن وقت تائين ڪل 13 ڪروڙ 48 لک 18 هزار 17 ڪرونا ويڪسين جون خوراڪون ڏنيون ويون. جڏهن ته 5 ڪروڙ 73 لک 74 هزار 128 ماڻهن جي مڪمل ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي. سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ 4 لک 78 هزار 412 آهي، جڏهن ته ڪل فوتگيون 7 هزار 640 ٿيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button