اسلام آبادپاڪستان

ڪنوار کان وڌ سس جا چرچا! مريم نواز جي هار سينگار تي بحث

اسلام آباد : مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر جي پرڻي جي تقريب ۾ سينگار ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي. سوشل ميڊيا مخالف ڪئپس جي وچ ۾ لفظي جنگ شروع ٿي وئي. ڪوئي چوندي نظر اچي رهيو آهي ته ڪنوار کان وڌيڪ ته سس جي تياري جا چرچا آهن. ڪنهن اهو لکيو ته سس تيار ٿي سينگارجي ننهن جي حصي جو سڄو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪائي ورتو آهي. هڪ صارف لکيو ته سس ايترو ته وڌيڪ تيار ٿي وئي جو ڪوئي ڪنوار طرف ته ڏسي ئي نه پيو. تنقيد ڪندڙن جي جواب ۾ (ن) ليگ جي حمايتي هڪ عورت لکيو ته بس سس بي رنگ پوشاڪ پائي ڪنڊ ۾بيهي رهي ته سڀ مطمئن ٿي ويندا. ياد رهي ته مريم نواز پنهنجي پٽ جي شادي تي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهي. جنيد صفدر جي مينڌي واري تقريب لاءِ هن ڀارتي ڊزائنر ابينومشرا جي تيار ڪيل دلڪش لباس جي چونڊ ڪئي. قوالي نائٽ ۾ مريم نواز ڊزائينر سائره شڪيرا جو وڻندڙ لباس پهريو، مريم نواز پنهنجي پٽ جنيد صفدر جي زندگي جي سڀ کان اهم ۽ خوشي جي موقعي تي مشهور ڊزائنر نومي انصاري جي ڊزائن ڪيل سائي رنگ جي جوڙي جي چونڊ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button