اسلام آبادپاڪستان

رياست کي شهيدن جي قاتلن کي معاف ڪرڻ جو اختيار ناهي:زرداري

اسلام آباد :اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽريز جي صدر آصف علي زرداري اي پي ايس سانحي جي شهيدن جي شهادت واري ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته جيستائين معصوم شهيدن جي قاتلن، پلان رٿيندڙن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي عبرتناڪ سزا نٿي ڏني وڃي، تيستائين رياست ۽ قوم معصوم شهيدن جي قرضي رهندي. پنهنجي بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته اي پي ايس سانحو نه رڳو شهيدن جي وارثن پر دردمند انسان جي جگر تي اهڙو زخم آهي جنهن مان اڄ به رت وهي رهيو آهي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان دهشتگردن کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جو وچن هو ته جيئن ملڪ جي ڌرتي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪيو وڃي. افسوس قوم سان ڪيل وچن تي عمل نه ٿيو جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته دهستگرد اڄ به اسان جي نوجوانن کي ماري رهيا آهن. آصف زرداري چيو ته رياست کي هي حق يا اختيار نه آهي ته هو معصوم انسانن جي قاتلن کي معاف ڪري. آصف زرداري چيو ته دهشتگردن ۽ رياست کي چئلينج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪرڻ رياست کي ڪمزور ۽ شرمسار ڪرڻ برابر آهي. آصف زرداري چيو ته مان پاڪ فوج جي انهن بهادر پٽن کي سلام ڪريان ٿو جن ڌرتي ماءُ جي دشمنن جي مزاحمت ڪندي شهادت ماڻي آهي. هن چيو ته مان شهيدن جي والدين، شهيدن جي بيواهن، ٻارڙن، ڀائرن ۽ ڀينرن سان واعدو ڪيان ٿو ته موقعو مليو ته ظالم دهشتگردن کي انصاف جي ڪٽهڙِي ۾ آڻي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button