شاهپور چاڪر: شاهپورچاڪر گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج 2018ع کان شروع ٿيڻ باوجود انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي. 4 سال گذرڻ باوجود ڪاليج ۾ ٽيچنگ اسٽاف ناهي مقرر ڪيو ويو. ڪاليج ۾ هن مهل فرسٽ ايئر کان بي ايس سي تائين جون 375 شاگردياڻيون علم پرائي رهيون آهن. 16 جايون خالي آهن، پر پرنسپال سميت اسٽاف جا 3 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، ڪلاس هلائڻ لا بوائز ڊگري ڪاليج جي استادن کي گهرايو وڃي ٿو، پر پيپر هلڻ سبب بوائز ڪاليج ۾ شاگردن جي پڙهائي متاثر ٿئي ٿي، جنهن سبب رڪارڊ ٿيل ليڪچر ايل اي ڊي تي شاگردياڻين کي تعليم وٺڻي پوي ٿي. ڪاليج ۾ گهڻيون ليبارٽريون هجڻ باوجود سامان ناهي، ڪئميسٽري ۽ ٻين اهم ليبارٽرين جو ڪم ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو آهي. شاگردياڻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪاليج سان ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، پهرين اسان کي تعليم لا شهر کان ٻئي شهر وڃڻو پوندو هو، پر هاڻ ڊگري ڪاليج ته مليو آهي، پر ڪاليج کي تعليم کاتي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، ٺيڪيدار ليبارٽرين جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو آهي. نياڻين هٿ ٻڌي سنڌ حڪومت ۽ تعليم جي وزير کي اپيل ڪئي ته جلد ٽيچنگ اسٽاف مقرر ڪري ليبارٽرين جو اڌ ۾ ڇڏيل ڪم مڪمل ڪرائي تعليم ڏياري وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close