ٽنڊوآدم: ٽنڊو آدم ۾ عدالت پاران قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا رپورٽ موجب ايڊيشنل سيشن جج ٽنڊوآدم رميش ڪمار جي عدالت سبزي منڊي واري علائقي ۾ 19 مهينا اڳ دوستي نه رکڻ تان جوابدارن وسيم اڪبر عباسي ۽ ذيشان راجپوت گلزار ڪالوني واسي 14 ورهين جي نينگر سجاد علي پٽ شبير احمد خاصخيلي کي پئٽرول هاري باھه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو، جيڪو بعد ۾ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي ٻنهي جوابدارن وسيم اڪبر عباسي ۽ ذيشان راجپوت کي عدالت 25-25 سال قيد جي سزا ٻڌائي، جنهن بعد جوابدارن کي سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو ويو. مقتول نينگر جي والد شبير احمد خاصخيلي ڳالهائيندي چيو ته پٽ کي بيگناهھ قتل ڪيو ويو، اڄ عدالتي فيصلي سان خوشي ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close