پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ ڪارروائي، 2 ڄڻا گرفتار، 100 ڪلو چرس هٿ

شھدادپور: شھدادپور پوليس ڊي ايس پي شھدادپور محمد ايوب بروهي ۽ ايس ايڇ او شھدادپور جاويد احمد جلباڻي جي اڳواڻي ۾ گشت دوران ٽنڊوآدم روڊ تي ڀڳڙا باغ وٽ ڪارروائي ڪري ڪرولا ڪار کي روڪي جوابدار ساجد علي کوکر ۽ عبداللطيف جوڻيجو کي گرفتار ڪري 20 لک رپين جي ماليت جو 100 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي. ان ڏس ۾ شھدادپور ٿاڻي تي ايس ايس پي سانگهڙ ڊاڪٽر فرخ علي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شھدادپور پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪرولا ڪار سميت 100 ڪلو چرس هٿ ڪري هڪ ڪامياب ڪارروائي ڪئي آھي. ٻئي طرف شھدادپور پوليس موٽرسائيڪل ڦر جي گينگ جي هڪ جوابدار محمود علي راجپوت ۽ لنڊو پوليس روپوش اشتهاري جوابدار غلام مرتضى عرف متو رند کي گرفتار ڪري ورتو آھي. شھدادپور پوليس جي ڪارروائي ساراھه جوڳو عمل آھي، پوليس پارٽي لا انعام جي سفارش ڪندس. امن امان قائم رکڻ ۽ سماجي برائين جي خاتمي سميت گٽڪي، مين پڙي ۽ زهريلي سوپارين جي وڪري خلاف قدم کڻڻ جون هدايتون ڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button