اسلام آبادپاڪستان

ڪنهن به انساني بحران کان بچڻ لا افغانستان جي مدد ڪنداسين:وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪنهن به انساني بحران کان بچڻ لا افغانستان جي مدد ڪنداسين. اميد ته دنيا افغانستان کان ڌار رهڻ جي غلطي کي نه ورجائيندي، عالمي برادري افغانستان جي ڪمزور ماڻهن جي مدد ڪندي. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ افغانستان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. پڌرائي موجب اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اطلاعات بابت وفاقي وزير فواد چوڌري، گهرو وزير شيخ رشيد سميت اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن به شرڪت ڪئي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزير اعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري افغانستان جي ماڻهن کي نظرانداز نه ڪندي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن خطي جي مفاد ۾ آهي، انساني بحران پيدا نه ٿيڻ گهرجي، افغان امن عمل جي ڀرپور حمايت ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button