اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

نئون ڪاروبار شروع ڪندڙن کي بنا ضمانت قرض ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد :وفاقي حڪومت نئون ڪاروبار شروع ڪندڙن کي بنا ضمانت قرض ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيڪڏهن ڪاروبار ۾ هڪ ڪروڙ تائين جو نقصان ٿئي ٿو ته اهو حڪومت ۽ ڪمرشل بئنڪون برداشت ڪنديون. ان ڏس ۾ ڪالهه اسلام آباد ۾ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير خسرو بختيار آسان فنانس اسڪيم متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اسڪيم ۾ ڪاروبار ڪندڙ عورتن کي ٽيڪس ۾ 25 سيڪڙو تائين ڇوٽ ڏني وئي آهي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ايس ايم اي پاليسي کي منظور ڪري ورتو آهي. پاليسي تحت ڪاروباري ماڻهن کي هڪ ڪروڙ تائين بنا ضمانت جي قرض ملندو. سندس چوڻ هو ته ايس ايم اي پاليسي ۾ ننڍا ڪاروبار شامل آهن. اسڪيم ۾ پيداواري سيڪٽر لاءِ 10 ڪروڙن جي ڪاروبار تي ٽرم اوور ٽيڪس گهٽ ڪيو ويو آهي. ايس ايم ايز لاءِ پاليسي 5 سالن جي هوندي، جنهن لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ان موقعي تي فواد چوڌري چيو ته اسان ملڪي معيشت ۾ وڏي تبديلي آندي آهي. اسان جي سڄي معيشت جو دارومدار درآمدن تي هو، دبئي ۽ سنگاپور جيان اسان درآمدن تي گذارو نٿا ڪري سگهون. پاڪستان کي هڪ مضبوط صنعتي بنياد جي ضرورت آهي.
هن چيو ته اسان ملڪ ۾ مضبوط انڊسٽريل بيس نه ڏئي سگهياسين ته معاشي مسئلن مان نه نڪري سگهنداسين. واپار واري وزارت پاليسي ترتيب ڏني آهي، جنهن سان ايس ايم اي سيڪٽر ۾ سهولتون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته پاڪستان کي مضبوط صنعتي بنياد جي ضرورت آهي. اسان کي امپورٽ اڪانومي کان ٻاهر نڪرڻو پوندو. وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته وفاقي ڪابينا ۽ پنجاب حڪومت پهريون ڀيرو ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن لاءِ پاليسي منظور ڪئي آهي، ايس ايم اي شعبي ۾ 10 لک کان وڌيڪ ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته لارج اسڪيم مينوفيڪچرنگ ۾ 4 هزار جي لڳ ڀڳ مينوفيڪچرنگ يونٽ موجود آهن، 78 سيڪڙو روزگار ايس ايم اي سيڪٽر سان لاڳاپيل آهي ايس ايم ايز تي ٽن درجن لوئر رسڪ، ميڊيم رسڪ ۽ هاءِ رسڪ ۾ ورهايو ويو آهي. نئون ڪاروبار شروع ڪندڙن کي اين او سي حاصل ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي. وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته ايس ايم ايز کي ٽن درجن ۾ ورهايو ويو آهي، نئو ڪاروبار شروع ڪندڙن کي اين او سي کان آزادي ملي وئي. ايس ايم اي ڪاروبار ڪندڙن کي خاص مراعتون ڏينداسين. ايس ايم ايز جي شعبي ۾ ڪاروبار ڪندڙ عورتن کي ٽيڪس ۾ 25 سيڪڙو خاص رعايت ڏني ويندي. ايس ايم ايز جي شعبي تائين پهچ لاءِ 23 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ايس ايم ايز لاءِ 4200 ايڪڙ زمين رکي وئي آهي. جتي 19 هزار 500 پلاٽ آسان قسطن تي ڏنا ويندا ايس ايم ايز کي اين او سيز حاصل ڪرڻ جي ڊگهي طريقي کان نجات حاصل ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت پهريون ڀيرو ايس ايم اي پاليسي تحت پيداواري ڪاروبارن کي ٽيڪسز ۾ 57 سيڪڙو کان 83 سيڪڙو تائين خاص رعايت ڏيندي. پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 لک 20 هزار جي لڳ ڀڳ معاشي يونٽ موجود آهن جن مان 99 سيڪڙو يونٽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن تي ٻڌل آهن عوام جي معاشي ۽ سماجي خوشحالي ۽ ملڪ جي ڪل معاشي ترقي ۾ ان جو ڪردار اهم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button