پاڪستانسنڌ

ايم ڪيو ايم ٻيهر ڪراچي کي گن پوائنٽ تي هائي جيڪ ڪرڻ چاهي ٿي:سعيد غني

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي جي ماڻهن جي همدرد ناهي، ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ رتو ڇاڻ ڪري پنهنجو دڪان چمڪائڻ چاهي ٿي، اسين انهن دهشتگردن کي ٻيهر ڪراچي ۾ دهشتگردي نه ڪرڻ ڏينداسين، 2008 ۾ اسان واپاري برادري ۽ هن شهر جي عوام کي انهن دهشتگردن کان بچائڻ جي لاءِ ڪڙو ڍڪ ڀريو ۽ انهن کي نه چاهيندي به حڪومت جو حصو بڻايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اقرا يونيورسٽي ۾ منعقد اسڪالرشپ ايوارڊ جي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهھ ٻولهھ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ منعقد پريس ڪانفرنس ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو.

سعيد غني تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته خانگي يونيورسٽيون جيڪي خدمتون انجام ڏئي رهيون آهن، اهو حڪومت جو ڪم آهي، پر بدقسمتي سان اسان جا حڪومتي وسيلا ايترا بهتر ناهن. ميڊيا سان ڳالھه ٻولھه ڪندي هن چيو ته ارڙهين ترميم کان پهرين تعليم وفاق جو معاملو هو، ترميم کان پوءِ به پوري ملڪ ۾ 90 سيڪڙو هڪجھڙو تعليمي نظام آهي، اسان جو تعليمي نظام سڀني کان سٺو آهي. هن چيو ته اسان پوري ملڪ ۾ انگريزي نظام تعليم ختم ڪنداسين، اها چونڊ والدين جي آهي ته اهي سنڌي، اردو يا انگلش ميڊيم ۾ پڙهائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته لوڪل گورنمنٽ جو قانون ايترو آسان ناهي جو هر انسان ان کي سمجھي سگھي. بدقسمتي سان ان کي بنياد بڻائي انتشار پيدا ڪيو پيو وڃي. سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ صحافين جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي جي عوام جي همدرد ناهي، ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ رتو ڇاڻ ڪري پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ چاهي ٿي، اسين انهن دهشتگردن کي ٻيهر ڪراچي ۾ دهشتگردي نه ڪرڻ ڏينداسين، 4 ڀيرا پيپلز پارٽي جي قتدار جي دور ۾ پيٽروليم جي اگھن ۾ واڌاري تي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ ايم ڪيو ايم اڄ ڇو پيٽروليم اگھن ۾ تاريخي واڌاري تي خاموش آهي؟

سعيد غني چيو ته جنهن جماعت هن شهر کي تباهھ ڪيو، جنهن جماعت جي ڪري هن شهر مان بلڊر ويو، جنهن جماعت جي ڪري هن شهر جي تعليم وئي، جنهن جماعت جي ڪري هن شهر ۾ دهشتگردي وڌي، اهي اسان کي چون ٿا ته اسان شهر کي خراب ڪيو؟ هن چيو ته اسان ان وقت به انهن کي منهن ڏنو، جڏهن اهي گوليون هڻي لاش ٻورين ۾ بند ڪندا هئا، هاڻ ته اهي بلڪل مئل آهن. هن چيو ته سٺي قانون کي منفي انداز ۾ پيش ڪري صوبي ۾ نفرتون پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ، لساني فساد ڪرائڻ جي سازش ڪرڻ، ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ، ڪراچي کي هڪ ڀيرو ٻيهر الطاف حسين جي وقت جو ڪراچي بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ائين نه ٿئي.

سعيد غني چيو ته حقيقت اها آهي ته اهي پريشان آهن ته ڪهڙي ريت اهي ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بيلٽ باڪس ڀرين، ڪراچي جون حالتون اهڙيون ڪن جو ڪراچي جو ماڻهو ووٽ وجھڻ وڃي ته ان کي چيو وڃي ته اوهان جو ووٽ ٿي ويو آهي، اهڙيون حالتون هن شهر ۾ ڪيئن ٿين جو مئل ماڻهو به قبر مان نڪري ووٽ ڪاسٽ ڪري، ڪراچي ۾ هاڻ اهڙيون حالتون ناهن، اهي ٻيهر ڪراچي کي گن پوائنٽ تي هائي جيڪ ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته 1988 جي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم کي ايمانداراڻو ووٽ مليو ۽ 1990 ۾ به انهن کي صحيح ووٽ مليو سمورو گند ان کان پوءِ شروع ٿيو. هن چيو ته هڪ صاحب ڪالهھ چئي رهيو هو ته بي بي نائن زيرو وئي هئي، ته ها هوءَ بلڪل وئي هئي ڇو ته اسان سمجھندا هئاسين ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ عوامي مينڊيٽ رکندڙ جماعت هئي، اڄ به اسين سجھون ٿا ته ڪجهھ ووٽ انهن جا آهن، پر ووٽ جي بنياد تي سنڌ کي باھه ۽ رت جي هولي ۾ ڌڪڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته 2008 ۾ اسان واپاري برادري ۽ هن شهر جي عوام کي انهن دهشتگردن کان بچائڻ جي لاءِ ڪوڙو ڍڪ ڀريو ۽ نه چاهيندي به حڪومت جو حصو بڻايو هو.

سعيد غني چيو ته آصف علي زرداري ان اميد سان ته ڪراچي جون حالتون بهتر ٿي وڃن ۽ واپاري برادري کي مشڪلاتون نه ٿين، ان ڪري اسان ڪمپرومائيز ڪري انهن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو هو. سعيد غني چيو ته اڄ ايم ڪيو ايم کي پريشاني ان ڳالھه جي آهي ته انهن جي جيڪا ذلت اين اي 249 ۾ ٿي آهي، ڪنٽونمنٽ جي چونڊن ۾ ٿي آهي، ان کان بري ذلت مڪاني چونڊن ۾ ٿيڻي آهي ۽ ان کان بچڻ جي لاءِ اهي ڪراچي ۾ رتو ڇاڻ ۽ لساني فساد ڪرائڻ چاهين ٿا، اهي شهر کي برباد ڪرڻ ڏانهن وڃي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button