اسلام آبادپاڪستان

16 هزار ملازمن جي برطرفي بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ 16 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ 16 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي بابت ڪيس جي شنوائي ٿي. ان دوران جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته اهو ڪيس نظرثاني لاءِ ناهي، اهو ڪيس ٻيهر ٻڌو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سرڪاري ملازمن جي برطرفي بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو اڄ صبح 11 وڳي ٻڌايو ويندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن اٽارني جنرل خالد جاويد خان سپريم ڪورٽ ۾ برطرف ملازمن جي بحالي بابت ڪيس ۾ وزيراعظم جو 3 هدايتون پيش ڪيون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button