پاڪستانپنجاب

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهبازشريف ۽ حمزا جي ضمانتن ۾ واڌ

لاهور : لاهور جي بئڪنگ ڏوهن واري ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ (ن) ليگ جي صدر شهباز شريف ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز جي ڪچي ضمانتن ۾ 4 جنوري تائين واڌ ڪندي ايندڙ شنوائي تي وڪيلن کي عدالتن اختيار واري دائري تي دليل ڏيڻ لاءِ طلب ڪري ورتو. ڪچي ضمانت جو مدو ختم ٿيڻ تي شهبازشريف، حمزا شهباز عدالت ۾ پيش ٿيا. جج پڇاڻو ڪيو ته ايف آئي اي ٻي عدالت ۾ چالان ڇو جمع ڪرايو. جنهن تي ايف آئي اي جي وڪيل چيو ته گذريل شنوائي تي ڪجهه غلط فهمي جي ڪري هن عدالت ۾ چالان جمع ڪرائڻ جو چيو ويو. شهبازشريف جي وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ چيو ته هن ڪيس ۾ 9 جوابدارن ضمانت لاءِ هن عدالت سان رابطو ڪيو آهي. ايف آئي اي جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ وقت گهريو پوءِ چيو ته جوابدار ناهي. اسان جا شاهد آهن. ايف آئي اي شهبازشريف ۽ حمزه شهباز جي درخواست ضمانت رد ڪرڻ جو چيو. ساڳي عدالت انهيءَ ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي ڪچي ضمانت ڪنفرم ڪري چڪي آهي. جج پڇاڻو ڪيو ته ايف آئي اي ڪهڙن سيڪشنز تحت چالان جمع ڪرايو آهي. ايف آئي اي جي وڪيل ٻڌايو ته چالان جي پهرين صفحي تي سمورا قلم درج آهن. شهبازشريف چيو ته مون کي چالان جي ڪاپي ناهي ملي، جنهن تي عدالت چيو ته اوهان کي ڪاپي ڏئي ڇڏيون ٿا. ايف آئي اي جي وڪيل چيو ته شهبازشريف جاچ ۾ ڏوهي ثابت ٿيو آهي. سلمان شهباز جي گرفتاري تي مني لانڊرنگ ۾ ان جو ڪردار به سامهون ايندو. فاضل جج ايف آئي اي جي وڪيل کان پڇا ڪئي ته ٻن قلمن تحت چالان جمع ڪرايو ويو آهي، ڇا انهن قلمن تحت هن عدالت کي ڪيس ٻڌڻ جو اختيار آهي. عدالت شهبازشريف ۽ حمزا شهباز جي ڪچي ضمانت ۾ 4 جنوري تائين واڌ ڪندي ايندڙ شنوائي تي وڪيلن کي عدالتي اختيار واري دائري تي دليل ڏيڻ لاءِ طلب ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button