پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ مڙس کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ جي ڪيس جي رپورٽ عدالت ۾ پيش

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي صدر ۾ زال هٿان ڳڀا ڳڀا ڪري مڙس جي قتل ڪيس ۾ پوليس اڳڀرائي کان جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ کي آگاهه ڪري ڇڏيو. جوابدار عورت جون 3 نياڻيون اڃا تائين غائب آهن، جوابدار عورت جا ڊي اين اي نمونا ورتا ويا، ڪالهه جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ مڙس کي ماري ڳڀا ڳڀا ڪرڻ جي جوابدار عورت جي خلاف ڪيس جي شنوائي ٿي. جنهن ۾ پوليس اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي. پوليس رپورٽ ۾ ٻڌايو ته جوابدار عورت وٽان قتل ۾ استعمال ڪيل اوزار به هٿ ڪري ورتا آهن، جنهن ۾ ٻه ڇريون، هڪ راڊ، اسڪرو پانو، ويل پانو هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ ٽٽل تالو ۽ هٿوڙي به ملي آهي، سرڪاري وڪيل عبدالرحمان ٿهيم ٻڌايو ته پوليس کي جوابدار عورت جي ٽنهي نياڻين جو بيان رڪارڊ ڪرڻو آهي.

جوابدار عورت جون ٻه نياڻيون واقعي واري هنڌ تي موجود هيون، وڪيل عبدالرحمان ٿهيم چيو ته قتل واري اوزار تي لڳل رت جا ڊي اين اي نمونا اماڻيا ويا آهن، جوابدار عورت جا ڊي اين اي نمونا به ورتا ويا آهن، ڏسڻو آهي ته قتل وارو اوزار ۽ فرش تي لڳل رت هڪ ئي شخص جي آهي يا نه؟ واضح رهي ته صدر ۾ 7 ڏينهن اڳ زال هٿان قتل ٿيل شيخ سهيل جي ڪيس جي جاچ ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ انڪشاف سامهون آيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button