ڄامشورو: لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽ افيئرس پاران وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ جي هدايت تي پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيد ٻارڙن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لا سندن جي تصويرن اڳيان ميڻ بتيون ٻاري گل رکيا ويا ۽ شهيد ٻارڙن ۽ ملڪ جي سلامتي لا دعا گهري وئي.
تقريب ۾ لمس يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر حاجي محمد شيخ، ڊائريڪٽر اسٽوڊٽ افيئرس ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو، آفيسرز ايسوسيئيشن اڳواڻ ڊاڪٽر آصف گلزار، پير شاهد جان سرهندي، فتح محمد عباسي، انجنيئر لطيف احمد سنجراڻي، سجاول احمد علياڻي ۽ ڊاڪٽر يعقوب شاهاڻي سميت شاگردن توڙي شاگردياڻين پڻ شرڪت ڪئي.