اسلام آبادپاڪستانعالمي

او آ سي جو اجلاس اڄ ٿيندو،افغانستان بابت اجلاس گهرايو آهي:قريشي

اسلام آباد :پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جو عوام ڏکيائين جو شڪار آهي، دنيا افغانستان جي معاملي تي غفلت جو مظاهرو نه ڪري. ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته اسلامي سهڪار تنظيم جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندو، اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ مهمانن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير، گڏيل قومن ۽ عالمي مالياتي ادارن سميت آمريڪا، برطانيا، فرانس، چين، روس، جرمني ۽ اٽلي جا نمائندا شريڪ ٿيندا. سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ انساني بحران پيدا ٿي رهيو آهي، ان ڪري دنيا جو ڌيان افغانستان طرف ڇڪائڻ جي لاءِ اجلاس ڪوٺايو ويو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪي ماڻهو افغانستان جون زميني حقيقتون ڄاڻن ٿا، اهي چئي رهيا آهن ته بائيڊن انتظاميا کي پنهنجي پاليسين جو جائزو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان مسئلي تي دنيا غفلت جو مظاهرو نه ڪري، اڄ پاڪستان جي موقف جي حمايت ۾ سڄي دنيا مان آواز اچي رهيو آهي، يورپي يونين مان به پاڪستان جي حق ۾ آواز ٻڌو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button