پشاور: خيبر پختونخوا جي 17 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن دوران آپگهاتي ڌماڪي، راڪيٽ حملي ۽ فائرنگ جي واقعن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. رپورٽ مطابق مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ صبح 8 وڳي شروع ٿي، جيڪا شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جاري رهي. صوبي جي قبائلي ضلعن جا ماڻهو تاريخ ۾ ڪالهه پهريون ڀيرو پنهنجي نمائندن جي چونڊ لاءِ گهرن مان نڪتا جن ضلعن ۾ ڪالهه مڪاني چونڊون ٿيون، انهن ۾ پشاور، نوشهرا، چارسدا، مردان، صوابي، ڪوهاٽ، خيبر، مهمند، هنگو، بنون، ڪرڪ، لڪي مروت، ڊيرا اسماعيل خان، هري پور، بونير، ٽانڪ ۽ باجوڙ شامل آهن. مڪاني حڪومتن جي چونڊن لاءِ 9 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنون ۽ تقريبن 29 هزار پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا، جن مان 2 هزار 500 کان وڌيڪ کي انتهائي حساس ۽ 4 هزار 100 کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close