پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت 25 ڊسمبر تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت 25 ڊسمبر تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين پاران عام موڪل بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ملڪ جي باني قاعداعظم محمد علي جناح جي يومِ پيدائش جي سلسلي ۾ 25 ڊسمبر تي سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ عام موڪل ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڄاڻايو ويو آهي ته ڪورونا ايمرجنسي سان لاڳاپيل ملازمن تي موڪل وارو نوٽيفڪيشنن لاڳو نه رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button