پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم سٽي ٿاڻي تي ڇاپو، ناحق واڙيل نوجوان آزاد

ٽنڊوآدم: ايڊيشنل سيشن جج سانگهڙ جي عدالت ۾ گلبهار سيال درخواست جمع ڪرائي هئي ته سٽي پوليس سندس ٽن سئوٽن الطاف ولد بهاول سيال، ممتاز ولد بهاول ۽ خالد ولد حڪيم خاصخيلي کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي. سيشن جج سانگهڙ جي حڪم تي سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ ٽنڊوآدم فرحاز احمد ميمڻ سٽي ٿاڻي تي ڇاپو هنيو، پر ڄاڻايل همراهھ هٿ نه آيا. جڏهن ته ڇاپي دوران سٽي پوليس پاران بنا ايف آ آر جي ناحق باندي بڻايل ڳوٺ نادر فارم واسي 16 ورهين جو عاچو ولد ميوو ڪولهي لاڪپ مان مليو. جنهن بابت پوليس ڪو به رڪارڊ پيش ڪري نه سگهي، جنهن تي جج پوليس تي ناراضگي جو اظھار ڪندي نوجوان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد پوليس نوجوان کي آزاد ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button