پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ عورت تي جوابدارن جو تشدد، روڊ تي گهليو ويو، هڪ گرفتار

عمرڪوٽ/ صوفي فقير: عمرڪوٽ جي عدالت ۾ مڙس کان عليحدگي لاءِ داخل ڪرايل ڪيس جي پيروي لاءِ عدالت آيل ڳوٺ مورلڪ واسڻ تيجان زال ھرچند ڀيل کي جوابدارن عدالت ويجھو زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، عورت جي رڙين تي علائقي وارن پاران پوليس کي اطلاع ڪرڻ بعد پوليس اچڻ سبب جوابدارن عورت کي روڊ تي گهلي مٿس شديد تشدد ڪيو ۽ فرار ٿي ويا، پوليس ھڪ جوابدار سوڀو ڀيل کي گرفتار ڪري ورتو. بعد ۾ عمرڪوٽ پوليس منگل ڀيل جي فرياد تي 7 جوابدارن جئپال ٺڪر، ڀاڻجي ڀيل، سوڀو ڀيل، هيمون ڀيل، توڳو ڀيل، گهمن ڀيل ۽ هرچند ڀيل تي ڪيس داخل ڪري ورتو. متاثر عورت تيجان ڀيل صحافين کي ٻڌايو ته مڙس موالي آهي، شراب پي تشدد ڪندو هو، مون مڙس جي ظلمن کان تنگ ٿي عدالت ۾ عليحدگي لاءِ درخواست ڏني، آئون ڪورٽ مان تاريخ ڏئي واپس وڃي رهي هيس ته منھنجي مڙس سميت 7 جوابدارن مونکي وارن مان جهلي گهلي شديد تشدد ڪيو ۽ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. منھنجي رڙين ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ پوليس پهچي وئي. هن چيو ته مونسان ظلم ٿيو آهي، منهنجي تذليل ڪندڙن کي فورن گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button