ڪراچي: برطانيا ۾ عالمي وبا ڪرونا وائرس جي ويريئينٽ اوميڪرون جي وڌندڙ ڪيسن سبب برطانيا کان ايندڙ مسافرن جي سخت چڪاس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اين سي او سي پاران برطانيا مان ايندڙ سمورن مسافرن لاءِ نئون هدايتنامو جاري ڪندي سمورن مسافرن جي ريپڊ اينٽي جن ٽيسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اين سي او سي پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق برطانيا مان سڌي طرح ايندڙ فضائي مسافرن جي ريپڊ اينٽي جن ٽيسٽ ٿيندي.
بورڊنگ کان اٽڪل 48 ڪلاڪ اڳ مسافرن جي ويڪسينيشن ۽ ناڪاري پي سي آر ٽيسٽ جي رپورٽ به لازمي ٿيندي. اين سي او سي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته پاڪستان سول ايويئيشن اٿارٽي 100 سيڪڙو ريپڊ اينٽي جن ٽيسٽ لاءِ برطانيا جون سڌيون اڏامون ايڊجسٽ ڪري. ٻئي پاسي سي اي اي عملدارن جو چوڻ آهي ته هڪ اڏام کانپوءِ ٻي اڏام ۾ ايترو وقت رکيو ويندو، جو پهريان کان ايندڙ اڏام جي سمورن مسافرن جي ريپڊ اينٽي جن ٽيسٽ مڪمل ٿي وڃي، سي اي اي عملدارن مطابق اهي قدم برطانيا ۾ ڪرونا وائرس جي اوميڪرون ويريئنٽ ڪيسن سبب کنيا پيا وڃن.