ميرپورخاص: ڊي جي ماحوليات نعيم احمد مغل جي هدايتن تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ماحوليات محمد صحيب راجپوت، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر علي محمد رند ۽ فيلڊ سپروائيز نور محمد ناهيون جي اڳواڻي ۾ ٽيم پراڻي ميرپور ٿاڻي جي حد ميرپورخاص-سانگهڙ روڊ تي قائم ٻن ڪاٽن فئڪٽرين پرسنا گولڊ ۽ ڪالڪا ڪاٽن انڊسٽريز کي ماحولياتي گدلاڻ پکيڙڻ جي الزام هيٺ سيل ڪري ڇڏيو. ان کانسوا اجازت ناما نه هجڻ تي ميرپورخاص-حيدرآباد روڊ تي قائم دربار ريسٽورينٽ ۽ مدينه ڪولڊ ڊرنگس سميت ٻن گدامن کي به سيل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد صحيب راجپوت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سانگهڙ روڊ تي قائم ڪاٽن فيڪٽرين مان دز نڪرڻ سبب ڀرپاسي جي ٻن ڪالونين ڌرمشي ڪالوني ۽ حاجي ملوڪ راڄڙ جا ڪيترائي رهواسي ساهه جي بيمارين سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، ماڻهن جي شڪايت تي ڪيترائي ڀيرا فئڪٽري مالڪن کي نوٽيس ڏنا ته ڪاٽن فئڪٽرين ۾ فلٽر بيگس ۽ ڊسٽ ڪيچرز لڳايا وڃن، پر فئڪٽري مالڪن ڪي به قدم نه کنيا، جنهن بعد ڊي جي ماحوليات نعيم احمد مغل جي هدايتن تي ٻن ڪاٽن فئڪٽرين کي سيل ڪيو. ڪنهن به وڏي ريسٽورينٽ يا گدام قائم ڪرڻ جي صورت ۾ ماحوليات کاتي کان اجازت نامو وٺڻو پوندو آهي، جيڪو نه وٺڻ تي هڪ ريسٽورينٽ ۽ ڪولڊ ڊرنڪس جي ٻن گدامن کي پڻ سيل ڪيو آهي. هن چيو ته قانون کان مٿانهون ڪير به نه آهي، جيڪو به قانوني جي خلاف ڪم ڪندو، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close