اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 10 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا،310 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 10 ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 310 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا جي چڪاس لاءِ 46 هزار 991 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 310 ماڻهن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي. گذريل ڏينهن وبا وگهي وڌيڪ 10 ماڻهو فوت ٿي ويا. هاڪاري ڪيسن جي شرح 0 ڏهائي 65 سيڪڙو رڪارڊ ٿي آهي. ان کان علاوه 645 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن مطابق پنجاب ۾ 4 لک 44 هزار 320، سنڌ ۾ 4 لک 79 هزار 664، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 81 هزار 53، بلوچستان ۾ 33 هزار 606، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 429، اسلام آباد ۾ هڪ لک 8 هزار 329 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 646 ڪيس رپورٽ ٿيا. ملڪ ۾ هن وقت تائين 2 ڪروڙ 29 لک 54 هزار 234 ماڻهن جون ٽيسٽون ڪيون ويون هن وقت تائين 12 لک 53 هزار 594 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. ملڪ ۾ وائرس وگهي فوتين جو انگ 28 هزار 892 ٿي ويو. پنجاب ۾ 13 هزار 60، سنڌ ۾ 60 هزار 658، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 915، اسلام آباد ۾ 964، بلوچستان ۾ 363، گلگت بلتستان ۾ 186 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 746 مريض لاڏاڻو ڪري ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button