اسلام آبادپاڪستان

پريانٿا ڪمارا جي قاتلن کي انجام تائين پهچائينداسين:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي علائقائي تعاون جي تنظيم سارڪ جي جنرل سيڪريٽري ايسالارووان ويراڪون پرڏيهي وزارت ۾ شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ سيالڪوٽ ۾ پيش آيل واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي. پرڏيهي وزير جنرل سيڪريٽري سان سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري سان پيش آيل لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. شاهه محمود قريشي چيوته اسان هن افسوسناڪ واقعي کان پوءِ سريلنڪن حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان جي سموري اعليٰ سياسي قيادت، مذهبي اسڪالرز ۽ پاڪستاني قوم هن واقعي جي مذمت ڪئي. پرڏيهي وزير سارڪ جي جنرل سيڪريٽري کي يقين ڏياريو ته پاڪستان حڪومت هن واقعي وارن ذميوارن کي آخري انجام تائين پهچائيندي. هن چيو ته سارڪ ميمبر ملڪن وچ ۾ واپاري رابطا وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن جن مان فائدو وٺڻ جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button