اسلام آباد : ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي 1 ڏهائي 54 ارب ڊالر جي فنانسنگ فراهم ڪندو. ان ڏس ۾ پاڪستان ۽ اي ڊي بي جي وچ ۾ 6 فنانسنگ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. اربع تي اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير عمر ايوب خان تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي معاهدن تي اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري اسد حياء الدين ۽ اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر يونگ يي صحيحون ڪيون. انرجي سيڪٽر جي سڌارن لاءِ 300 ملين ڊالر فراهم ڪيا ويندا. ڪي پي جي پنج شهرن جي انفرااسٽريڪچر جي بهتري لاءِ 385 ملين ڊالر ملندا. معاهدي تحت شڪارپور کان راجنپور انڊس هائي وي 222 ڪلوميٽر سيڪشن لاءِ 235 ملين ڊالر ملندا. احساس پروگرام کي وڌائڻ واري فيز لاءِ 603 ملين ڊالر ڏنا ويندا. ڪرم تنگي رٿا لاءِ 5 ملين ڊالر ۽ ڪي پي جي شهرن لاءِ 15 ملين ڊالر ملي سگهندا. وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو ته بئنڪ جي فنانسنگ سان شاهرائن، سماجي، انفرااسٽريڪچر ۽ انرجي شعبي ۾ بهتري ايندي. ڪوٽاٽ، مردان، مينگورا، پشاور ۽ ايبٽ آباد ۾ زندگي جو معيار بهتر ٿيندو. ڪي پي ڪي شهرن ۾ پاڻي جي فراهمي سيوريج ويسٽ مئنجمينٽ بهتر ٿيندي. انهن منصوبن سان 35 لکن کان وڌيڪ آبادي فائدو وٺي سگهندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close