اسلام آبادپاڪستان

گهرو وزير جو اسلام آباد ۾ پهرين ڪرسچن هائوسنگ ڪالوني ٺاهڻ جو اعلان

اسلام آباد: گهرو وزير شيخ رشيد احمد اسلام آباد ۾ پهرين ڪرسچن هائوسنگ ڪالوني ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سي ڊي اي کان تاريخي ڪم ڪرائڻ لاءِ پنهنجي پوري اٿارٽِي ۽ طاقت جي استعمال کان به پاسو نه ڪندس. سي ڊي اي کان اڳ ڪرسچن هائوسنگ ڪالوني پنهنجي نگراني ۾ ٺهرائيندس. اربع تي ڊاڪٽر محمد امجد پاران اسلام آباد گروپ جي اهتمام هيٺ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪرسمس جي موقعي تي ڪرسچن ڪميونٽي سان ٻڌي جو اظهار ۽ مستحق ماڻهن ۾ تحفا ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٻاهران اسلام آباد ايندڙن وڏا وڏا محل ٺاهي ورتا آهن ۽ بدقسمتي سان ڪرسچن وسنديون اڄ به ڪچيون آهن ۽ مان اسلام آباد گروپ جي بين المذاهب هم آهنگي ۽ ڪرسچن برادري سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ايڏي وڏي ميڙ ۾ مسيحي برادري سان واعدو ڪيان ٿو ته اسلام آباد ۾ سمورين ڪچين وسندين کي پڪين وسندين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button