اسلام آبادپاڪستان

خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي هڪ وڏو چئلينج آهي:عارف علوي

اسلام آباد:صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميونٽي کي شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي سهولت ۽ ڀلائي ۽ ترقي هڪ وڏو چئلينج آهي. ڪالهه ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس تي هتي خصوصي ماڻهن جي سهولت جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سي ڊي اي چيئرمين، ڪامسيٽس، نسٽ ۽ نيشنل ڪاليج آف آرٽس جي سينئر انتظاميا شرڪت ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي آزاداڻي چرپر ۾ ڪيترين کي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. رڪاوٽن جي ڪري خصوصي ماڻهو ڪيترن ئي سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ حصو نٿا وٺي سگهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪاروباري برادري ۽ ايوان صنعت ۽ واپار خصوصي ماڻهن جي سهولت لاءِ تجويزن تي عمل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي سهولت لاءِ معاشري جي سمورن طبقن جي سماجي طور تي ذميداراڻي شرڪت جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ نسٽ، ڪامسيٽس ۽ اين سي اي جي فن تعمير جي ڊپارٽمنٽس طرف مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ وفاقي گادي واري شهر جي ايف سڪس، ايف سيون ۽ آءِ ايٽ مرڪز کانسواءِ اسلام آباد ۾ عمارتن کي خصوصي ماڻهن لاءِ پهچ جوڳيون بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. صدر سي ڊي اي چيئرمين کي يونيورسٽين جي تجويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button